پير حاجي نظر محمد شاهه جيلاني

پير حاجي نظر محمد شاهه جيلاني: پير حاجي نظر محمد شاهه جيلاني 1307هه مطابق 1889ع ڌاري ڳوٺ ”ناصري“ تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه (هاڻي بينظير آباد) ۾ پير ڇٽل شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ قرآن شريف جي تعليم ملا محمد ابراهيم ڏونگري (ويٺل آمري) کان ورتائين. سورهن سالن جو هو ته سندن والد وفات ڪري ويو. ديني علم ڏانهن سندن گهڻو لڳاءُ هوندو هو، گهڻو وقت عبادت ۾ گذاريائين. روحاني فيض حاصل ڪرڻ لاءِ پوڇڙائي درگاهه (شيخ ڀرڪئي کان ٻه ميل اتر) جي گادي نشين سيد محمد علي شاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ سندس هٿ تي بيعت ڪيائين. گهڻو وقت مرشد جي خدمت ۽ حاضري ۾ گذاريائين. جڏهن سندس مرشد لاڏاڻو ڪيو ته ويڳاڻو ٿي پيو ۽ پوءِ لڪيءَ ۾ حضرت شاهه صدر رحمة الله جي درگاهه تي ويهي ذڪر ۽ فڪر ۾ محو رهيو. هن لاءِ ڪيتريون ئي روايتون عام ماڻهن وٽ موجود آهن. سندس همعصرن ۾ مـخـدوم طالب الموليٰ ۽ سائين جي. ايم. سيد جهڙا مدبر انسان هئا. پاڻ 29 جـمـادي الـثـانـي 1370 هه مطابـق 1951ع تـي ڇـنڇــر جي رات ٻـاهـٺ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. پير نظر محمد شاهه جو ساليانو ميلو به وڏي عقيدت سان لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ عقيدتمند کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ ايندا آهن. هن موقعي تي ملاکڙو ۽ ٻيون ميلن واريون سرگرميون پڻ ٿينديون آهن .


لفظ پير حاجي نظر محمد شاهه جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو